جسٽس شهزاد کي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس نعيم کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاءِ جڊيشل ڪميشن منظوري ڏئي ڇڏي.
ان کانسواءِ جسٽس شهزاد احمد ملڪ کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائڻ جي منظوري به ڏني وئي.
جڊيشل ڪميشن ٻنهي نالن جي منظوري ڏئي معاملو پارلياماني ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.