پ پ ٻن سينيٽرن کي قومي ۽ هڪ کي صوبائي اسيمبلي ميمبر طور حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ قيادت ٽن سينيٽرن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر طور حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو.
ذريعن موجب سينيٽر يوسف رضا گيلاني في الحال قومي اسيمبلي ميمبر جي حيثيت سان حلف نه کڻندو، جڏهن ته سينيٽر نثار کهڙي کي به حلف کڻڻ کان روڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر صوبائي اسيمبلي ميمبر طور حلف نه کڻندو.
ذريعن موجب اهو فيصلو سينيٽ چونڊن ۾ عددي اڪثريت برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.