پاڪستان جي احسن خان ۽ ڀارت جي سونم باجوا جي وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار احسن خان ۽ مشهور ڀارتي اداڪارا سونم باجوا جو فوٽو شوٽ ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، ٻنهي فنڪارن ويجهڙ ۾ پاڪستان جي هڪ مشهور برانڊ لاءِ گڏ ڪم ڪيو آهي.
ٻنهي فنڪارن خوبصورت لباس پهري فيشن ميگزين ۽ پاڪستان ڪلاٿنگ برانڊ لاءِ فوٽو شوٽ ڪرايو، سوشل ميڊيا تي مداحن ٻنهي جي گڏ ڪم ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.
رپورٽ موجب، احسن خان ۽ سونم باجوا يورپي ملڪ ۾ فوٽو شوٽ ڪرايو، بعد ٻنهي ڪار ۾ وڊيو ٺاهي جنهن ۾ٻنهي ملڪن جي فنڪارن گڏ ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by FHM PAKISTAN (@fhmpakistan)


واضح رهي ته سونم باجوا ڀارت جي مشهور پنجابي اداڪارا آهي، هو ان کان اڳ ڪيئي ڀيرا پاڪستان اچڻ ۽ پاڪستاني اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري چڪي آهي، هن ڪجهه بالي ووڊ فلمن ۾ کانسواءِ هندي ڊرامن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.