اڳ ۾ آئين پڙهو: سپريم ڪورٽ اسلامي صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسلامي صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواستگذار عبدالغفور موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان ۾ اسلامي صدارتي نظام چاهيون ٿا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان به اسلامي نظام چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ پارلياماني حڪومتي نظام آهي.
چيف جسٽس درخواست گذار کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ائين ڪيو پاڪستان جو آئين پڙهو، دستور جي ڪتاب جو رنگ به سائو آهي، آئين ۾ الله جي نظام جو ذڪر آهي، آئين جي شروعات الله جي ذڪر سان ٿئي ٿي، قرآن پاڪ جو آئين ۾ ذڪر آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آئين جي آرٽيڪل 227 موجب ڪو قانون قرآن ۽ سنت جي خلاف نٿو ٿي سگهي، ڇا توهان کي انهن ڳالهين سان اختلاف آهي، ڇا توهان صدارتي نظام ۾ صدر بڻجڻ چاهيو ٿا، توهان ڇو سمورا اختيار هڪ فرد کي ڏيڻ لاءِ صدارتي نظام چاهيو ٿا؟
چيف جسٽس چيو ته توهان جيڪو پڙهي رهيو آهي، اهو پاڪستان جو آئين ناهي، جنهن تي درخواستگذار چيو ته مون کي مطالعو ڪرڻ جي مهلت ڏني وڃي.
چيف جسٽس چيو اسان درخواست خارج ٿا ڪيون، توهان آئين پڙهو، پوءِ جيڪڏهن توهان کي لڳي ته نئين درخواست داخل ڪجو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.