”حڪومت سازي روڪي وڃي“: چونڊ نتيجا سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ نئين چونڊيل ايم اين اي شير افضل مروت عام چونڊن جي نتيجن کي سپريم ڪورٽ ۾ انفرادي حيثيت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
شير افضل مروت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 3/183 تحت داخل درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري سان گڏ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ نتيجن جا سمورا فارم 47 ڪالعدم قرار ڏنا وڃن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت علي چٺا جي الزامن تي ٺاهيل اعليٰ سطحي ڪميٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.
شير افضل مروت اپيل ڪئي آهي ته درخواست تي فيصلو اچڻ تائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جوڙجڪ روڪي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.