بلائينڊ ڪرڪيٽ سيريز: ڀارت ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 46 رنسن تان هارائي ٽن ميچن سيريز هڪ، هڪ تان برابري ڪري ڇڏي.
دبئي اسپورٽس سٽي ۾ کيڏيل بلائينڊ ڪرڪيٽ سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڀارتي بلائينڊ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 224 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان سنيل رميش 86 ۽ ونڪيٽيشور رائو 56 رنسن جي نمايان اننگز کيڏي، پاڪستان جي محمد سلمان هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
گهربل هدف جي جواب ۾ گرين شرٽس مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن نقصان تي 178 رنسون ٺاهي سگهي، اهڙي ريت ڀارت 46 رنسن تان ميچ کٽي سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي .
پاڪستان جي محمد سلمان 58، بدر منير 30 ۽ نثار علي 25 رنسون ٺاهيو.
ڀارت جي سنيل رميش کي شاندار بيٽنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، سيريز جي ٽين ۽ فيصلائتي ميچ آچر ڏهاڙي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.