آءِ ايم ايف کي خط لکڻ سان ملڪي سلامتي کي ڪو خطرو نه هوندو: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان اڳ به آءِ ايم ايف کي خط لکيا ۽ هاڻ به لکنداسين، ان سان ملڪي معيشت، سلامتي ۽ جمهوريت کي ڪو خطرو نه هوندو.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته موجوده نگران سيٽ اپ ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي، اسان عدليا کي درخواست ڪئي هئي ته راولپنڊي جي ڪمشنر ۽ سندس خاندان جي حفاظت ڪئي وڃي، حفاظت نه ملڻ سبب ان اسٽيٽمينٽ تبديل ڪري ڇڏي.
سندس موجب عمران خان چيو آهي ته ملڪ لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جاري رهڻ گهرجي، پاڪستان جي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، جمهوريت لاءِ جتي به آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، اتي اٿارينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.