شاهد ڪپور سگريٽ ڇڪڻ واري عادت ڪنهن لاءِ ڇڏي؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور انڪشاف ڪيو آهي هن ڌيءَ ميشا جي ڪري سگريٽ نوشي واري عادت ڇڏي ڏني.
شاهد ڪپور بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا جي مشهور ٽاڪ شو ” نو فلٽر نيها“ جو مهمان بڻيو جنهن دوران اداڪارا کائنس سگريٽ نوشي ڇڏڻ بابت سوال ڪيو.
سوال جي جواب ۾ شاهد ڪپور ٻڌايو ته هن ڪجهه سال اڳ ڌيءَ ميشا جي ڄمڻ کانپوءِ سگريٽ نوشي ڇڏي ڏني هئي.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي شاهد ڪپور ٻڌايو ته مان پنهنجي نياڻي کان لڪي لڪي وڌيڪ سگريٽ پيئڻ نه پئي چاهيو انڪري سگريٽ نوشي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته شاهد ڪپور 2015 ۾ ميرا راجپور سان شادي ڪئي هئي ۽ کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.