ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي ڪامياب ميمبرن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ بلوچستان اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن واضح ٿي وئي ۽ پ پ بلوچستان اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي پارلياماني پارٽي بڻجي وئي آهي.
بلوچستان اسيمبلي ۾ پ پ جي سيٽن جو انگ 18 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3 عورتن ۽ اقليت جي هڪ سيٽ ملڻ کانپوءِ ن ليگ جي سيٽن جو انگ 17 آهي.
پ پ جي ٽڪيٽ تي 8 فيبروري تي 11 اميدوار ڪامياب ٿيا هئا، پوءِ 3 آزاد ميمبر پ پ ۾ شامل ٿي ويا ۽ عورتون جون 3 ۽ هڪ اقليت جي سيٽ ملڻ کانپوءِ ايوان ۾ پ پ جي پارلياماني پارٽي اسٽرينٿ سڀني کان وڌيڪ 18 ٿي وئي.
ن ليگ جي ٽڪيٽ تي 10 ڄڻا بلوچستان اسيمبلي ميمبر چونڊيا هئا، پوءِ 3 آزاد اميدوارن ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان کي چار مخصوص سيٽون به ملي ويون.
مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ جي يو آءِ جي سيٽن جو انگ 14، بي اي پي جو 5 ۽ نيشنل پارٽي جي سيٽن جو انگ 4 ٿي ويو آهي.
You might also like