اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي لاءِ سنڌ مان عورتن جي خاص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن موجب پ پ کي 10 ۽ ايم ڪيو ايم کي 4 سيٽون ڏنيون ويون.
نوٽيفڪيشن موجب پ پ جي شازيا مري، نفيسا شاهه، شفگتا جماڻي، شاهدا رحماني، شهلا رضا، مهتاب راشدي، مسرت مهيسر، مهرين ڀٽو، شازيا ثوبيا ۽ ناز بلوچ قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجي ويون آهن.
هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي آسيا اسحاق، نگهت شڪيل، سبين غوري ۽ رعنا انصار قومي اسيمبلي ميمبر بڻيون آهن.
You might also like