بلاول ڀٽو زرداري سميت پ پ جي چونڊيل ميمبرن جي نااهليءَ لاءِ درخواست

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پ پ جي چونڊيل ميمبرن جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي درخواست گذار جي دستاويز گڏائڻ جي اپيل منظور ڪري ورتي.
جسٽس فيصل زمان خان شهري اياز فاروقي جي الڳ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار وڌيڪ دستاويز ڏيڻ لاءِ الڳ درخواست داخل ڪئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ پ پ پارليامينٽيرين ۽ پ پ جي نالي سان ٻه جماعتون رجسٽرڊ آهن، پ پ پارليامينٽيرين جو صدر آصف زرداري ۽ پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي، جڏهن ته آصف زرداري پ پ جو شريڪ چيئرمين به آهي.
درخواستگذار موجب پ پ پارليامينٽيرين جو چونڊ نشان تلوار ۽ پ پ جو چونڊ نشان تير آهي، بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين جو چونڊ وڙهڻ غير قانوني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.