وزارت عظميٰ جي اميدوار شهباز شريف پنهنجي پهرين ترجيح ٻڌائي ڇڏي!

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ طرفان وزارت عظميٰ جي اميدوار شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ڪو ڏڦيڙ برداشت نٿو ڪري سگهي، سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو.
پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ملڪ کي پيش چئلينجن جو مقابلو گڏيل اتحاد سان ئي ڪري سگهجي ٿو، ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ منهنجي پهرين ترجيح آهي، ملڪ ڪنهن به صورت ۾ ڏڦيڙ کي برداشت نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته محنت ۽ ايمانداري سان عوام جي خدمت ڪنداسين، ملڪي ترقي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوششون ڪنداسين، نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.