پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن حلف کڻي ورتو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 10 وڳي طلب ڪيو ويو هو جيڪو ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسيپڪر سبطين خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ اسپيڪر نون چونڊجي آيل ميمبرن کان حلف ورتو، قسم کڻندڙن ۾ مريم نواز کانسواءِ مريم اورنگزيب به شامل هئي.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.