پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل ۽ گلوبل الائنس فار امپورووڊ نيوٽريشن جي غذائي سسٽم جي پائيداري ۽ خوراڪ جي ڪوالٽي لاءِ ڀائيواري

اسلام آباد (پريس رليز) پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پي اي آر سي)، گلوبل الائنس فار امپورووڊ نيوٽريشن (جِي اَي آءِ اين) جي ڀائيواري سان پاڪستان فوڊ سسٽم ڊيش بورڊ (ايف ايس ڊي) جي اپائن جي ميزبانن ڪري رهي آهي. هنن اپائن تحت پي اي آر سي ۽ جي اي آءِ اين پاڪستان ۾ غذا بابت پاليسين کي ترتيب ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن کي هٿي ڏني پئي وڃي.

هن ڀائيواري جو بنياد ڊائيٽ ڪوالٽي ڪويسچنيئر (ڊي ڪيو ڪيو) ذريعي خوراڪ جي معيار بابت ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۾ تيزي آڻڻ تي قائم آهي. ڊي ڪيو ڪيو کي مشهور گلوبل ڊائيٽ ڪوالٽي پراجيڪٽ (جي ڊي ڪيو پي) طرفان تيار ڪيو ويو آهي جيڪو جِي اَي آءِ اين، گيلپ ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي گڏيل ڪوشش آهي. هي سوالنامو عام ماڻهن جي غذائي عادتن جي جاچ ۽ نگراني لاءِ مک ڪردار ادا ڪري ٿو.

جي ڊي ڪيو پي عالمي سطح تي ڪم ڪري رهي آهي. ان جو مقصد سڄي دنيا ۾ بالغ ماڻهن ۾ غذائي معيار بابت تفصيلي ڊيٽا گڏ ڪرڻ آهي. هيل تائين هن 104 کان وڌيڪ ملڪن جي غذائي معيارن جي سوالنامن تي ٻڌل تفصيلي ڊيٽا ڪاميابي سان جاري ڪئي آهي.

ان مقصد لاءِ پي اي آر سي، جي اي آءِ اين جي ڀائيواري سان پاڪستان فوڊ سسٽم ڊيش بورڊ، ڊائيٽ ڪوالٽي ڪوئسچنيئرز ۽ ڪوسٽ آف هيلدي ڊائيٽ تي تعارفي ورڪشاپ جي ميزباني ڪري رهي اهي. قومي ۽ صوبائي اسٽيڪ هولڊرز کي پاڻ سان شامل ڪرڻ، غذائي سسٽمز کي مضبوط ڪرڻ ۾ ان جي ڪردار جو پتو لڳائڻ ۽ غذائي معيار ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڊي ڪيو ڪيوز کي اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جو لاڳو ٿيڻ هن ورڪشاپ جا بنيادي مقصد آهن.

غذائي تحفظ واري وزارت جي سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد آصف پاڪستان فوڊ سسٽم ڊيش بورڊ جي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ پي اي آر سي ۽ جي اي آءِ اين جي گڏيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته غذائي سسٽم جي پائيداري ۽ غذائي ڪوالٽي ۾ بهتري جون ڪوششون اسان جي وزارت جي سڄي ملڪ ۾ غذائي تحفظ ۽ غذائيت کي هٿي ڏيڻ جي مقصد سان هم آهنگ آهن. گلوبل ڊائيٽ ڪوالٽي پراجيڪٽ جي تيار ڪيل ڊائيٽ ڪوالٽي ڪوئسچنيئر جو استعمال اسان جي عوام جي غذائي عادتن ۽ انهن جي رجحانن بابت تفصيلي ڊيٽا حاصل ڪرڻ جي اسان جي جاکوڙ ڏانهن اهم قدم آهي. حقيقتن تي ٻڌل اهڙا ذريعا غذائي چئلينجيز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. مان ايف ايس ڊي، ڊي ڪيو ڪيو ۽ ڪاسٽ آف هيلدي ڊائيٽ تي ٿيل تعارفي ورڪشاپ کي ڀليڪار چوان ٿو جنهن تحت فوڊ سسٽمز کي مضبوط ڪرڻ ۽ صحتمند غذائن جي حوالي سان حڪمت عملن تي غور ڪرڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪيو ويو آهي. اسان پراميد آهيون ته اهڙن اپائن سان ايندڙ ڏينهن ۾ عوامي صحت جي شعبي ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملندي.

هن اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي سڀني شهرين لاءِ صحتمند غذا تائين رسائي يقيني بڻائڻ اسان جي گڏيل ڪوسشن لاءِ پي اي آر سي ۽ جي اي آءِ اين جي ڀائيواري سان گڏوگڏ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جو ڪردار جاري رهندو. صحتمند ۽ وڌيڪ مضبوط فوڊ سسٽم جي گڏيل مقصد لاءِ اسان جون ڪوششون رنگ لائينديون.

ورڪشاپ ۾ پنهنجي خطاب ۾ پاليسي اينڊ ايڊووڪيسي جي سربراهه فيض رسول محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي خريد جي قابل هجڻ ۽ ان تائين بهتر رسائي جي مسئلي تي روشني وڌي ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ ۽ عوامي سطح جي نمائندن تي زور ڏنو ته هو پاليسي سازي جي عمل دوران پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن ته جيئن غذا ۽ غذائي معيار بهتر ڪري سگهجي.

پي اي آڙ سي جي ميمبر سوشل سائنسز ڊويزن ڊاڪٽر غلام صادق آفريدي هن ڀائيواري جي ساراهه ڪندي چيو ته هي ڀائيواري پاڪستان ۾ جٽادار فوٽ سسٽمز ۽ بهتر غذا جي دستيابي ڏانهن اسان جي گڏيل عزم جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي. ڊي ڪيو ڪييو ذريعي گڏ ٿيل ڄاڻ کي استعمال ڪندي اسان چاهينداسين ته اسٽيڪ هولڊرز کي عمل جوڳي ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتن موجب پاليسي سازي ڪري سگهجي.

تعارفي ورڪشاپ شريڪ ٿيلن لاءِ ايف ايس ڊي فريم ورڪ، غذائي ڪوالٽي جي جاچ لاءِ ڊي ڪيو ڪيو جي اهميت ۽ صحتمند غذائن کي هٿي ڏيڻ جي معاشي اثرن کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.