لاهور قلندرز ٽورنامينٽ ۾ واپسي ڪندي: جارج لنڊي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور قلندرز جي اسپنر جارج لنڊي چيو آهي ته هار کٽ راند جو حصو آهي، ٽائٽل جو دفاع ڪرڻ وڏي ذميواري آهي.
ملتان سلطان هٿان شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي جارچ لنڊي چيو ته مسلسل ٽي ميچون هارائڻ باوجود واپسي لاءِ پراميد آهيون.
هن چيو ته رضوان کانپوءِ افتخار ڌاڍي زبردست اننگز کيڏي، راشد خان ورلڊ ڪلاس بالر آهي سندس کوٽ محسوس ٿيندي آهي.
جارچ چيو ته پِچ جي ڪنڊيشن جي ڄاڻ نه هئڻ سبب گهڻو فرق پيو، ايندڙ ميچن ۾ ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.