دوحا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو اويس منير ايشين اسنوڪر چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
قطر ۾ جاري ايشين اسنوڪر چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ اويس منير جو مقابلو تجريبڪار دفاعي چيمپيئن ايران جي عامر سرڪوش سان هو.
پاڪستان اسٽار بهترين ڪيو ڪنٽرول جو مظاهرو ڪندي حريف کي4-1 تان آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو ۽ کيس مسلسل چوٿون ۽ مجموعي طور پنجون فائنل کيڏڻ کان محروم ڪري ڇڏيو.
اويس پهريون فريم 36-57 جي اسڪور تان کٽيو، ٻئي فريم ۾ عامر سرڪوش شاندار واپسي ڪئي.
مقابلو هڪ-هڪ تان برابر ٿيڻ کانپوءِ اويس هڪ ڀيرو وري راند تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ ايندڙ ٽئي فريمز 17-75، 47-67، 32-69 جي اسڪور تان کٽي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
اويس منير 2015ع کانپوءِ پهريون پاڪستاني ڪوئيسٽ آهي جنهن ايشين اسنوڪر چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي.
You might also like