ورزش عورتن لاءِ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪارائتي آهي

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ورزش ڪرڻ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن لاءِ ڪارائتي آهي.

رپورٽ موجب ماهرن ٻڌايو آهي ته جيڪي عورتون روازنو ورزش ڪنديون آهن انهن جي موت جو امڪان مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندوآهي.

ماهرن موجب تجربي جي نتيجي مان پتو پيو آهي ته اهو فرق ان لاءِ آهي جو مردن جي ڦڦڙ ۾ وڌيڪ جڳهه هوندي آهي، سندن دل وڏو هوندو آهي، لين باڊي ماس گهڻو هوندو آهي ۽ فوري طور تي توانائي ڏيندڙ ڏورن جي شرح گهڻي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.