بابر اعظم ۾ ڪپتان واري صلاحيت ئي ناهي: عبدالرزاق

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو آهي ته بابر اعظم ۾ ڪپتان واري صلاحيت ئي ناهي انڪري کيس ڪپتاني نه ڪرڻ گهرجي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عبدالرزاق چيو ته بابر اعظم جهڙي طرح بيٽنگ ڪري ٿو هو مومينٽم ٺاهي ڏيندو آهي، بابر جنهن به ٽيم هجي ان جو مڊل آرڊر مضبوط هئڻ گهرجي.
هن چيو ته بابر اعظم کي پولارڊ جي سامهون تجربيڪار بالر کي آڻڻ گهرجي ها، پولارڊ ٽي ٽوئنٽي جي آخري ٽن اوورن ۾ 60 رنسون به ٺاهي سگهي ٿو.
اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته بابر اعظم ۾ ڪپتان واري صلاحيت ناهي، کيس ڪپتان بدران رانديگر طور کيڏڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.