اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا يوٽيلٽي اسٽور تي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وفاقي ڪابينا جو اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ طئي ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
يوٽيلٽي اسٽور تي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، يوٽيلٽي اسٽورن تي 7 ارب 49 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رمضان پئڪيج ڏنو ويندو.
رمضان رليف پئڪيج چار مارچ کان شروع ٿيندو، ٽارگيٽيڊ سبسڊي ذريعي 19 بنيادي شين تي رعايت ڏني ويندي.
وفاقي ڪابينا مختلف اداران جي نئين سر تنظيم، پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي قدمن اطمينان جو اظهار ڪيو.
ڪابينا چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪي جي هٿياربند فوج ۾ سهڪار تي ترڪش آرمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت جي منظور پڻ ڏني.
وفاقي ڪابينا، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني.
نگران وزيراعظم مختصر عرصي دوران پنهنجي ڪابينا ۽ عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي سندن ٿورا مڃيا.
سندس چوڻ هو ته هو ملڪي معيشت کي اڳ کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃي رهيا آهن، چونڊيل حڪومت لاءِ اهڙي حڪمت عملي ڏئي پيا وڃن جيڪا يقيني طور عوام ۽ قومي مفاد لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي.
نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوامي ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن.…
You might also like