عمران خان جو چونڊ نتيجن خلاف آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چونڊ نتيجن خلاف آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بئريسٽر گوهر علي خان ۽ سينيٽر علي ظفر عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان اڄ آءِ ايم ايف کي خط لکندو.
علي ظفر چيو ته آءِ ايم ايف، يورپي يونين جو پنهنجو هڪ مينڊيٽ آهي، جنهن ملڪ ۾ جهموريت ناهي اتي عالمي ادارا ڪم ناهن ڪندا.
هن چيو ته پاڪستان ۾ سموري دنيا ڏٺو ته عوام جو ووٽ چوري ٿيو، چوري جي مينڊيٽ جهموريت نٿي هلي سگهي، جڏهن فنڊنگ ادارا ڏسندا آهن ته جهموريت ناهي ته هو قرض ناهن ڏيندا.
سندس چوڻ هوته اسان جو خط آءِ ايم ايف ڏانهن ويندو، جيڪڏهن آءِ ايم ايف کي ڳالهه ٻول ڪرڻي آهي ته سڀ کان پهرين چونڊ نتيجن جي آڊٽ ڪرائي، جتي جتي آڊٽ ۾ ڌانڌلي ثابت ٿئي ان کي ختم ڪيو وڃي ان کانپوءِ آءِ ايم ايف ڳالهيون ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ٿيندو، اِهو اسان ڌانڌلي خلاف آڊٽ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي، پهريان به آءِ ايم ايف کي چيو هو ته اسان صاف ۽ شفاف اليڪشن چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.