پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن خلاف اڪبر ايس بابر وري ميدان ۾ اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر تحريڪ انصاف پاران ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنهنجي هڪ بيان اڪبر ايس بابر چيو آهي ته هو پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊون، اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪندو، ان ڏس ۾ قانوني مشاورت پڻ جاري آهي.
هن چيوته 22 ڊسمبر 2023 تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب پي ٽي آءِ جي سموري قيادت ڪالعدم ٿي چڪي آهي، ايستائين جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ بئريسٽر گوهر خان کي ” پاڻمرادو نامزد ڪيل “پي ٽي آءِ چيئرمين قرار ڏنو ويو هو.
هن چيو ته پنهنجي پاران ۽ پاڻمرادو نامزد ڪيل ڪالعدم پي ٽي آءِ قيادت جو انٽرا پارٽي اليڪشن جي حوالي سان نئين مهم جو قانوني ۽ سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪيو ويندو.
هن مطالبو ڪيو ته جيستائين پي ٽي آءِ جي قانوني حيثيت بحال نٿي ٿئي، پي ٽي آءِ جي ڪالعدم قيادت تي پارٽي جي وسيلن سميت آفيسن ۽ بئنڪ اڪائونٽن جو استعمال غيرقانوني قرار ڏئي پابندي مڙهي وڃي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ قيادت ٽي مارچ 2024ع تي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.