بولڊ سين تي زال ناراض ٿيندي هئي، هاڻي نه: عمران هاشمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سيريل ڪسر عمران هاشمي انڪشاف ڪيو آهي ته فلمن ۾ رومانوي منظر ڪرڻ تي سندس زال پروين شاهاني هميشا ناراض ٿيندي رهي آهي. ڀارتي اخبار موجب عمران هاشمي ويجهڙ هڪ انٽرويو ۾ فلمن ۾ رومانوي سين تي زال جي رد عمل سميت ذاتي زندگي تي کليل ڳالهه ٻولهه ڪئ ۽ انڪشاف ڪيو ته هن ڪڏهن اهڙا منظر فلمائڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي.

اداڪار چيو ته هو هميشا هدايت ڪار جي چوڻ تي اداڪاري ڪندو آهي، هن ڪڏهن اهڙا سين ڪرڻ جي خواهش جو اظهار نه ڪيو آهي پر هدايتڪارن اهو ذهن ٺاهي ڇڏيو ته بولڊ سين عمران هاشمي ئي ڪري سگهي ٿو،

رپورٽس موجب اداڪار چيو ته سندس زال پروين شاهاني هميشا ناراض ٿيندي آهي کيس مڙس جو ٻين عورتن سان اهڙا منظر فلمائن ناپسند رهيو آهي. زال کي اهڙا منظر ڏسي سخت ڪاوڙ ايندي آهي . اهو ئي ڪارڻ آهي ته هن اهڙا منظر فلمائڻ گهٽ ڪري ڇڏيو هاڻي سندس زال ڪاوڙ ناهي ڪندي.

اداڪار انٽرويو۾ ٻڌيو ته جلد سندس ويب سيريز ”ٽائم“ ايندي جنهن ۾ هڪ مرد به کيس چمي ڏيندي نظر ايندو جيڪو کيس پسند نه آيو ڇاڪاڻ ته هو صرف عورتن سان اهڙا سين ڪندو آهي. عمران هاشمي چيو ته سندس زال اها ويب سيريز ڏسي ڪاوڙ ڪندي ان لاءِ سندس خواهش آهي ته هوءَ اها ويب سيريز نه ڏسي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.