چونڊن ۾ ڌانڌلين جا بدترين الزام هڻندڙ اڳوڻو ڪمشنر راولپنڊي پنهنجي بيان تان ڦري ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چونڊن ۾ ڌانڌلين جا بدترين الزام هڻندڙ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي بيان تان ڦري ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان هڪ سياسي پارٽي جي ورغلائڻ تي پنهنجو بيان ڏنو، منهنجو بيان غير ذميواراڻو عمل ۽ غلط بياني هئي، جنهن تي ڏاڍو شرمسار آهيان ۽ قوم کان معافي گهران ٿو.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته نوَ مارچ تي رٽائر ٿي رهيو هئس، هڪ سياسي جماعت جي عهديدار جي چوڻ تي اهڙو بيان ڏنو، اِهو عهديدار نوَ مئي وارن واقعن ۾ ملوث هجڻ سبب روپوش ٿي ويو هو، ان عهديدار جي ڳجهي مدد به ڪندو هئس، 11 فيبروري تي ڳجهي نموني لاهور وڃي ان سان ملاقات به ڪئي.
لياقت علي چٺا موجب، اڳواڻ مون کي چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو چيو، جنهن جي عيوض مستقبل ۾ اعليٰ عهدي جو واعدو ڪيو ويو، پهرين مون کيس صلاح ڏني ته مان استعيفيٰ ڏيان جنهن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائڻ جي ڳالهه شامل هجي، پر استعيفيٰ جو گهڻو اثر نه ٿيڻ جي صورت ۾ جذباتي ڊرامي سان ڀرپور پريس ڪانفرنس جو فيصلو ڪيو.
اڳوڻي ڪمشنر جو چوڻ هو ته ان سياسي اڳواڻ موجب، منصوبي کي سياسي جماعت جي اعليٰ قيادت جي ڀرپور حمايت حاصل هئي، ان سياسي اڳواڻ موجب، اعليٰ قيادت جي هدايت تي پلان ترتيب ڏنو ويو، چيف جسٽس جو نالو ڄاڻي واڻي شامل ڪيو ويو جنهن جو مقصد عوام کي چڙ ڏيارڻ هو، پي ايس ايل جي پريس ڪانفرنس جو بهانو بڻائي ڀرپور ڊرامو ڪيو، پلان موجب آپگهات ۽ ڦاهي تي ٽنگي ڇڏيو جهڙيون ڳالهيون ڪيون.
اڳوڻي ڪمشنر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مون کي ڪڏهن اليڪشن ڪميشن سميت ڪنهن به ڌانڌلي جون هدايتون نه ڏنيون، ڪو به آر او ڪنهن عمل ۾ ملوث نه هو، پنهنجي ڪيل عمل تي شرمسار آهيان، پوري قوم خاص طور سمورن سرڪاري ملازمن کان معافي وٺان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.