پاڻ سڳورن صه کانپوءِ معاملو ختم، هو ئي هدايت جو سرچشمو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڻ سڳورن صه کانپوءِ معاملو ختم، هاڻي اسان کي پاڻ سڳورن صه کان ئي رهنمائي وٺڻي آهي، هو رحمت اللعالمين آهي، هو انسانن ۽ پکي پکڻ سڀني لاءِ رحمت ۽ هدايت جو سرشمو آهي.
سپريم ڪورٽ اسلام آباد جي نيشنل پارڪ ايريا ۾ وفاقي ترقياتي اداري سي ڊي اي ۽ وائلڊ لائيف بورڊ وچ ۾ تڪرار تي سي ڊي اي کي وائلڊ لائيف جي ٽريل فائيو، ٽريڪ 6 سميت ٽئي آفيسون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون.
سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد جي نيشنل پارڪ ايريا ۾ وفاقي ترقياتي اداري سي ڊي اي ۽ وائلڊ لائيف بورڊ وچ ۾ تڪرار بابت ڪيس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وائلڊ لائيف بورڊ جي وڪيل عمر اعجاز عدالت کي ٻڌايو ته سي ڊي اي وائلڊ لائيف کان مارگلا هلز ۾ ٽي جايون ورتيون آهن، سي ڊي اي خلاف ناهيون آيا پر چاهيون ٿا ته گڏجي ڪم ڪيون ۽ هڪٻئي جي رستي ۾ رنڊڪ نه وجهون.
چيف جسٽس چيو ته آئين کوليو سڀ کان پهرين ڇا لکيل آهي؟ سي ڊي اي جي وڪيل جواب ڏنو ته آئين جي شروعات ۾ لکيل آهي ته حاڪميت اعليٰ الله وٽ آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ به ان ۾ ئي اچي ٿو، انسان لاءِ قرآن پاڪ ۾ خليفه في الارض جو لفظ استعمال ڪيوويو، حضور پاڪ صه جن آخري نبي، رحمته اللعالمين ۽ هدايت جو سرچشمو آهن، اسان انسانن کي جانورن، پکي پکڻ جو خيال رکڻو آهي، ڪا به زمين ڪنهن جي ناهي، حاڪميت رڳو الله جي آهي جيڪو آئين ۾ لکيل آهي.
ٻڌڻي دوران معراج واري واقعي جو ذڪر ڪندي چيف جسٽس چيو ته سڀي نبين ۽ پغيمبرن پاڻ سڳورن صه جي پٺيان نماز پڙهي، حضور پاڪ صه کانپوءِ معاملو ختم، هاڻي اسان کي ان کان رهنمائي وٺڻي آهي، هو هدايت جو سرچشمو آهي.
سپريم ڪورٽ نيشنل پارڪ ايريا ۾ سي ڊي اي ۽ وائلڊ لائيف بورڊ وچ ۾ تڪرار تي سي ڊي اي کي وائلڊ لائيف جي ٽريل فائيو، ٽريل 6 سميت ٽئي آفيسون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 11 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.