ماءُ کان پوءِ آپگهات جي ڪوشش ڪئي: علي گل ملاح

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور ڊرامي ”عشق مرشد“ ۾ مزاحيا ڪردار ادا ڪرڻ واري علي گل ملاح انڪشاف ڪيو آهي ته هن 16 سالن جي عمر ۾ آپگهات ڪرڻ چاهيو.

علي گل ملاح ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته جڏهن سندس ماءُ جو لاڏاڻو ٿيو ته هن پاڻ کي مڪمل يتيم محسوس ڪيو ۽ ان لاءِ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن پنهنجي ڏکين حالتن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته جڏهن ماءُ گذاري وئي ته هو ڪيترائي ڏينهن بک تي گذاريندو هو۽ ڪير هن کان کاڌي بابت پڇا به نه ڪندو هو، کيس لڳندو هو ته هو ڪنهن کي پيارو ناهي.

علي گل ملاح چيو ته سندس ماءُ جي حياتي ۾ ئي هن اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو پر ماءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس لڳو سڀ ختم ٿي ويو، هو سڄو سڄو ڏينهن بک تي هوندو هو ڪير پڇندو به نه هيس، ان لاءِ هن ارادو ڪيو هو ته آپگهات ڪندو.

علي گل ملاح انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جڏهن هو آپگهات ڪرڻ ڪنڌڪوٽ ڏانهن گذرندڙ ٽرين ڏي وڃي پيو ته کيس ليکڪ حميد ڀٽو مليو جنهن نئون ڊرامو لکيو ۽ کيس هيرو جو ڪردار آفر ڪيائين، اتي هن جو خيال ٻئي پاسي ٿيو ۽ هو آپگهات کان بچي ويو.

واضح رهي ته ڊراما عشق مرشد ۾ علي گل ملاح فضل بخش جو مزاحيا ڪردار ڪري رهيو آهي جيڪو هر ٿوري دير بعد ”ڀلي“ چوندي نظر اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.