مان جيئرو ۽ تندرست آهيان: عراقي صدر صدام حسين جي وڊيو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي اوچتو هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ عراق جي اڳوڻي مقتول صدر صدام حسين کي اهو چوندي ڏسي سگهجي ٿو ته هو اڃا جيئرو آهي ۽ سندس موت جي ڪوڙي خبر پکيڙي وئي آهي.

وڊيو ۾ صدام حسين دعويٰ ڪندي نظر اچي رهيو آهي ته هو سال 2024 ۾ به جيئرو ۽ تندرست آهي.

اها وڊيو عربي ٻولي ۾ آهي جنهن کي پوسٽ ڪندڙ دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو عراقي صدر جنهن کي ڦاهي ڏني وئي هئي، اهو اڃا تائين جيئرو آهي.

گڏوگڏ اهو به لکيو ويو آهي ته سڀ سمجهن ٿا ته مان شهيد ٿي ويو آهيان پر اهو سڀ ڪوڙ آهي، مون کي ڦاهي ناهي ڏني وئي.

ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدارن وڊيو تي فوري رد عمل ڏيندي ان کي جعلي ۽ غيرحقيقي قرار ڏيندي چيو ته سندس واپسي يقين ڪرڻ جوڳي ناهي، ٻين نشاندهي ڪئي ته ايترن سالن باوجود صدام حسين جي شڪل ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.

اصل ۾ اها ڪلپ ڊيپ فيڪ کي استعمال ڪندي ٺاهي وئي آهي، هي ڪلپ صدام حسين جي 2 فيبروري 2003 تي هڪ پراڻي انٽرويو مان ورتي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.