سنڌ حڪومت 29 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت حضرت لعل شهباز قلندر جي 772 هين ٽن ڏينهن واري سالياني عرس جي سلسلي ۾ 29 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

عرس جون تقريبون 29 فيبروري کان ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون، جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس، سنڌي روايتي راند ملاکڙو ۽ ٻيون روايتي تقريبون شامل آهن.

ان حوالي سان مقامي انتظاميا پاران سالياني عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

سيوهڻ جي عقيدتمندن جي درگاهه جي زيارت ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سهولتي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.

تازو ئي سنڌ جي نگران قانون ۽ اوقاف واري وزير عمر سومرو حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري انتظامن جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو نگران وزير افتخار احمد سومرو به ساڻس گڏ هو.

نگران قانون واري وزير مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ملڪ ۽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ فاتحه خواني ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.