وفاقي ڪابينا آرمي چيف کي ترڪيه حڪومت جو اعليٰ فوجي ايوارڊ وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي ترڪ حڪومت طرفان ڏنل اعليٰ فوجي اعزاز وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وزيراعظم پنهنجي ٽيم ۽ سول سرونٽس جي ڪاوشن کي ساراهيندي سندن ٿورا مڃيا.
وفاقي ڪابينا پرڏيهي کاتي جي سفارش تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربندي فوج وچ ۾ سهڪار ۽ خدمتن جي اعزاز ۾ ترڪيه حڪومت طرفان مليل ” ترڪش آرمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ “ ايوارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا مختلف ادارن جي نئين سر تنظيم ڪاري، پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.