ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪار همايون سعيد انڪشاف ڪيو آهي ته نيٽ فلڪس سيريز ”دي ڪرائون“ لاءِ هن مختلف آڊيشنز ڏنا ۽ کيس ڀارت ۽ پاڪستان جي 8 اداڪارن مان چونڊيو ويو آهي.
واضح رهي ته همايون سعيد ”دي ڪرائون ويب سيريز“ ۾ دل جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر حسنات جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
”دي ڪرائون“ جي پنجين سيزن ۾ ليڊي ڊيانا ۽ ڊاڪٽر حسنات ۾ رومانس کي به ڏکاريو ويو آهي جنهن جون تصويرون به وائرل ٿيون آهن.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو ۾ پاڪستاني اداڪار همايون سعيد ”دي ڪرائون“ لاءِ چونڊجڻ تي ڳاله ٻولهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪيئن کيس اهو اهم ڪردار مليو.
هن ٻڌايو ته جڏهن کيس ان ڪردار لاءِ چونڊجڻ جي ڪال آئي ته هو حيران ٿيو ۽ کيس ڌاڍي خوشي ٿي ته 8 ڀارتي ۽ پاڪستاني اداڪارن مان کيس چونڊيو ويو.