ڪيٽي بندر (الياس سمون) تعلقي ڪيٽي بندر جي ديھ جنگيسر ۾ سرفراز نظاماڻي پٽيءَ ۾ چُلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب 70 ايڪڙن تي ٻڌل تيار ٿيل پانن جي شيڊن کي باھ لڳي وئي جنهن ۾ ڪيترائي فارمن جا شيڊ سڙي ويا.
باھ جي شدت سبب شيڊن ڀرسان واقع ڳوٺ نواز ملاح جا 7 گهر به باھ جي لپيٽ ۾ اچي سڙي راک ٿي ويا.
باھ ڪيترن ڪلاڪن تائين ھلندي رھي پر ٽائون ڪميٽي ڳاڙھو، ٽائون ڪميٽي گھوڙاٻاري ۽ ضلع ڪائونسل ٺٽو ۽ يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر ٻگھاڻ انتظاميا ڪنهن به قسم جو تحرڪ نه ورتو.
ان موقعي تي اتي موجود آبادگارن، وحيد سرائڪي ،نظير سرائڪي، گلستان سرائڪي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 70 ايڪڙن تي بيٺل سندن تيار پانن جي شيڊن ۾ لڳ ڀڳ 10 اربن جو نقصان ٿيو آھي.
ھوڏانھن باھ جي شدت سبب متاثر ڳوٺ نواز ملاح جي ڳوٺاڻن رمضان ملاح ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته باھ تمام گهڻي تيز ھئي جنھن سبب گهر مڪمل باھ جي لپيٽ ۾ اچي ويا.
متاثر ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو تہ ھنن ٽائون ڪميٽي ڳاڙھو، يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر ۽ يونين ٻگھاڻ انتظاميا سميت ضلعي انتظاميا رابطو ڪيو پر ھنن فائر برگيڊ موجود نه ھئڻ جو چئي ڪا بہ مدد نه ڪئي.
هنن دانهيو ته اسان جي گھرن ۾ موجود لکين روپين جو قيمت سامان، ڪپڙا، زيور، روڪ رقم ۽ کاڌي پيتي جو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي.
متاثرن ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين لاڳاپيل اعلي عملدارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اربين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي. مھرباني ڪري اسان جي مدد ڪئي وڃي.