زيڊ ٽي اي سستو فولڊ ايبل فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

چيني سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ”زيڊ ٽي اِي“ پنهنجو هيل تائين جو سڀ کان سستو فولڊ ايبل فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.
عام طور تي فولڊ ايبل فونز جي قيمت پاڪستاني اڍائي کان 3 لک روپين جي وچ ۾ هوندي آهي، پر ڪجهه فونز جي قيمت ساڍن ٽن لکن تائين به وڃي پهچندي آهي.
پر زيڊ ٽي اي ٻين ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ سستو فولڊ ايبل فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن کي جپان ۾ وڪري کان اڳ آن لائين خريد ڪرڻ تي وڌيڪ رعايت ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو.
ڪمپني ”زيڊ ٽي اِي: ليبرو فلپ“ کي متعارف ڪرائيندي ان جي جپان ۾ پري آرڊر بڪنگ تي تقريبن 50 سيڪڙو رعايت جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
فون کي 6-7 انچن جي اسڪرين، اينڊرائيڊ 13 آپريٽنگ سسٽم جڏهن ته 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
”زيڊ ٽي اِي: ليبروري فِلپ“ جي بيڪ تي 2 ڪيمراز ڏنيون ويون آهن، جن مان مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻي ڪيمرا 2 ميگا پڪسل جي آهي.
اهڙيءَ طرح فون جي فرنٽ تي هول پنچ سان گڏ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
فولڊ ايبل فون کي 4300 ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 33 واٽ فاسٽ چارجر سوڌو فنگر پرنٽ سينسر ۽ ٻين سيڪيورٽي فيچرز سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني فون جي گڏيل قيمت 1 لک 17 هزار روپيا رکي آهي، پر مختلف ملڪن ۾ ان کي وڪري لاءِ پيش ڪرڻ وقت ان ۾ وڌيڪ گھٽتائي جو امڪان آهي.
ان فون کي جلد پاڪستان سوڌو خطي جي مختلف ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو ۽ امڪاني طور تي پاڪستان ۾ ان جي قيمت گھٽائي 1 لک روپين تائين ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.