برطانيا: اسڪولن ۾ شاگردن جي موبائيل استعمال ڪرڻ تي پابندي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا شاگرن پاران اسڪولن ۾ موبائيل فون استعمال ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي حڪومت چيو آهي ته موبائيل فون تي پابندي جو مقصد ڪلاس رومز ۾ تدريسي عمل ۾ رنڊڪ ختم ڪرڻ آهي.
وزيراعظم رشي سوناڪ ڪلاس روم ۾ موبائيل فون جي استعمال کي پريشان ڪندڙ قرار ڏيندي چيو ته موبائيل جي استعمال تي پابندي سان شاگردن جي روين ۾ بهتري ايندي.
برطانوي حڪومت پاران اسڪولن ۾ موبائيل فون جي استعمال بابت نئين پاليسين جو اعلان 1 ڏينهن اڳ ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.