گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي وارو ڪيس، ٽن حساس ادارن جي سربراهن تي ٻڌل ڪميٽي قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جبري گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس ۾ ٽن ڳجهن ادارن جي ڊائريڪٽرز جنرلز(ڊي جيز) تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گمشده بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ آخري ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽس موجب حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي انٽرسروسز انٽيليجنس(آءِ ايس آءِ)، ڊي جي ملٽري انٽيليجنس(ايم آءِ) ۽ ڊي جي انٽيلجنس بيورو(آءِ بي) تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي.

جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو آهي ته ڪميٽي لاڳاپيل ضلعي ۽ ڊويزن جي سيڪٽر ڪمانڊر کان معلومات وٺي رپورٽ پيش ڪندي ۽ جبري گمشدگي ۾ ملوث ماتحت عهديدارن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارشون به پيش ڪندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نگران وزيراعظم، گهرو ۽ دفاع جي وفاقي وزيرن ۽ سيڪريٽريز کي به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.