ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا شلپا شيٽي فلمن ۽ ويب سيريز ۾ بولڊ سين نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي.
رپورٽس موجب شلپا شيٽي پنهنجي تازي انٽرويو ۾ پنهنجي پروجيڪٽس چونڊجڻ بابت ڳالهائيندي چيو ته او ٽي ٽي پليٽ فارم اداڪارن کي هر طرح جو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي جتي اداڪار سولائي سان پنهنجي پسند جو ڪردار ادا ڪري سگهندو آهي.
هن چيو ته ڪيريئر جي شروعات کان ئي سندس ترجيح اها رهي آيه ته هو اهڙو ڪردار ڪري جنهن کي سندس ٻار به ڏسي سگهن ان لاءِ هن هميشا اهڙيون فلمون چونڊيون آهن جنهن ۾ ڪو به بولڊ سين نه هجي.
اداڪارا چيو ته هوءَ بالي ووڊ جي ڪجهه اهڙين اداڪارائن ۾ آهي جيڪي اسڪترين تي بولڊ سين ناهن ڪنديون.
هن چيو ته هوءَ پنهنجي ٻارن کي ذهن ۾ رکي محتاط رهي اسڪرپٽ جي چونڊ ڪندي آهي ۽ کيس ڄاڻ هوندي آهي ته هو ڪهڙو سين پرسڪون انداز ۾ ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪو ناهي ڪري سگهندي اهو پهريون ئي رد ڪندي آهي.