ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ خان شاهه رخ خان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلم “جوان” لاءِ بهترين اداڪار جو ايوارڊ پنهنجي ناءُ ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 20 فيبروري تي ممبئي ۾ دادا صاحب ڦالڪي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ايوارڊز 2024 جي تقريب ٿي جنهن ۾ شاهه رخ خان کي سندس فلم ”جوان“ لاءِ بهترين اداڪار جو ايوارڊ مليو آهي.
ايوارڊ جي هن تقريب ۾ شاهه رخ خان جي وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن ۾ هو ايوارڊ وصول ڪندي دلچسپ تقرير ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته هو سمورن جيوري ميمبرن جو ٿورائتو آهي جن کيس بهترين اداڪار لاءِ چونڊيو ڇاڪاڻ ته ڪيترائي سال بهترين اداڪار جو ايوارڊ نه ملڻ سبب هن کي محسوس ٿيو ته هاڻي کيس ايوارڊ ڪڏهن به نه ملندو ۽ هو مداحن کان وسري ويو آهي.
واضح رهي ته شاهه رخ خان سميت ٻين مسلمان اداڪارن کي هن وقت تائين ڪو به قومي ايوارڊ ناهي ميلو.