ن ليگ جي نامزد وزيراعليٰ 5 سالن جو منصوبو پيش ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ طرفان پنجاب جي نامزد وزير اعليٰ مريم نواز 5 سالن جو منصوبو پيش ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ خدمت جو بنياد نواز شريف رکيو، سڀني ميمبرن کي ٽيم بڻجي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.
لاهور ۾ ن ليگ پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب جي عوام ن ليگ کي واضح مينڊيٽ ڏنو، پارلياماني ميمبرن کي ڪاميابي تي واڌايون پيش ڪيان ٿي، پنجاب جي عوام جا ٿورا مڃان ٿي.
هن چيو ته وڏي انگ ۾ نوجوان ايم پي ايز اسيمبلي ۾ آيا، مان چونڊ نتيجن کانپوءِ هڪ ڏينهن به آرام ناهي ڪيو، پنجاب ۾ خدمت جا نوان رڪارڊ قائم ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته پنجاب جي پهرين عورت وزيراعليٰ جو اعزاز تمام وڏو آهي، شهباز شريف ترقي جي اسپيڊ کي برقرار رکيو، اسان اهو سفر جاري رکنداسين.
مريم نواز چيو سڀني تڪن ۾ اهڙا ڪم ڪنداسين ته جيئن 5 سالن کانپوءِ ڪا خامي نه رهي، محفوظ پنجاب جي پراجيڪٽ تي ڪم ڪنداسين، سيف سٽي پراجيڪٽ کي پنجاب جي سڀني شهرن تائين وٺي وينداسين، ٻهراڙي جي علائقن لاءِ به گڏيل پروگرام آڻي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.