ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل 9 ۾ پهرين فتح، شان مسعود ڇا چيو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان شان مسعود جو چوڻ آهي ته ملتان اسان جي خلاف سٺي ميچ کٽي پر اسان زبردست واپسي ڪئي آهي.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي ڇهين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ڪيرون پولارڊ جي تيز اننگز جي مدد سان پشاور زلمي کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏني.
ميچ کانپوءِ گفتگو ڪندي ڪپتان شان مسعود چيو ته ميز حمزا شاندار بالنگ ڪئي، شعيب ملڪ صائم ايوب جي وڏي وڪيٽ وٺي زلمي کي گهٽ اسڪور تائين محدود رکيو.
شان مسعود وڌيڪ چيو ته انسان کان غلطيون ٿينديون آهن، اسان غلطين مان سکي رهيا آهيون، خوشي آهي ته ڪراچي ڪينگز ۾ تجربيڪار رانديگر موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.