شُڀمَن گِل جي ڪرڪيٽ کانپوءِ سياسي ميدان ۾ انٽري ؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري رهيو آهي پر هاڻ هو سياسي ميدان به پاڻ مڃائڻ لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پنجاب جي چيف اليڪٽورل آفيس پاران ڀارتي ڪرڪيٽر شُڀمَن گِل کي لوڪ سڀا جي چونڊن لاءِ ” اسٽيٽ آئيڪون “ نامزد ڪري ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد نوجوان ووٽرز کي ووٽ جي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي.
ان ڏس ۾ چيف اليڪٽرول آفيسر سبن سي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته گِل پنجاب ۾ مختلف چونڊ مهمن جو حصو هوندو.
سندس چوڻ هو ته جيئن ته شُڀمَن گِل جو واسطو پنجاب سان آهي هو ڪرڪيٽ سان محبت ڪندڙ خاص طور نوجوانن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، سندس ان کي مقبوليت کي ووٽنگ جو ٽرن آئوٽ وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.