آءِ فون استعمال ڪندڙ هن وڏي غلطي کان بچن!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪجهه ماڻهو آءِ فون کي پاڻي جي نقصان کان بچائڻ لاءِ چانورن جي ٿيلي ۾ رکي ڇڏيندا آهن جنهن سان فون کي نقصان ٿيندو آهي.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب ايپل سپورٽ پاران نوٽ جاري ڪيو ويو آهي ته واهپيدار پنهنجي آءِ فون کي چانورن جي ٿيلي ۾ نه رکن، ايئن ڪرڻ سان چانورن جا ذرڙا آءِ فون کي نقصان رسائيندا آهن.

ايپل موجب بغير پڪيل چانورن آءِ فون کي خشڪ ڪرڻ ۾ ڪارائتا ناهن. جڏهن ته هنن ٻڌايو جيئن فون پاڻي ۾ ڪري ته ان کي ڪنيڪٽر طرف هيٺ رکي اڌ ڪلاڪ لاءِ خشڪ ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيو، جيئن فون مڪمل طور تي خشڪ ٿي وڃي ته چارج ڪيو ٻي صورت هڪ ڏينهن لاءِ فون کي ساڳي حالت ۾ سڪڻ لاءِ رکي ڇڏيو.

ايپل موجب واهپيدار آءِ فون کي ايڪسٽرنل هيٽ سورس يا ڪمپريسڊ ايئر ذريعي سڪائڻ لاءِ نه رکن. ٻيو ته  آءِ فون کي ڪنيڪٽر ۾ ڪپهه يا ٽشو وجهي سڪائڻ جي به ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.