آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ، ڪو به پاڪستاني ٽاپ پوزيشنز ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) هفتيوار ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڪين وليمسن جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، اسٽيو سمٿ جي ٻي ۽ ڊيرل مچل جي ٽين پوزيشن برقرار آهي جڏهن بابر اعظم جي رينڪنگ ۾ هڪ درجو بهتري آئي هو پنجين کان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.
ون ڊي رينڪنگ ۾ بابر اعظم بيٽرز جي فهرست پهرئين نمبر تي موجود آهي، ڀارتي بيٽر شُڀمَن گِل جي ٻي ۽ ويرات ڪوهلي جي ٽين پوزيشن آهي.
بالرن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي، آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ ٻئي جڏهن ته ايڊم زمپا ٽئين نمبر تي موجود آهي، ان فهرست ۾ پاڪستان جي شاهين آفريدي جي ستين پوزيشن آهي.
ون ڊي آل رائوندرز ۾ا فغانستان جي محمد نمبر جون پهريون، بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو ٻيو ۽ زمبابوي جي سڪندر رضا جو ٽيون نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.