برطانوي شهزادي وليم پاران غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادي وليم غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرنس وليم هڪ بيان ۾ چيو آهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي ڀوائتي انساني قيمت تي شديد فڪرمند آهيان، ان تڪرار ۾ تمام گھڻا ماڻهو مارجي ويا.
هن چيو ته آئون به سڀني جيان ان جنگ جو جلد کان جلد خاتمو چاهيان ٿو، غزا ۾ هن وقت انساني امداد جي سخت ضرورت آهي. اهو گھڻو اهم آهي ته غزا ۾ امداد پهچي ۽ يرغمالي به آزاد ٿين.
سياسي معاملن تي برطانوي شاهي خاندان جي ڪنهن به فرد جو بيان غيرمعمولي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.