پوليس کي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اختيار ناهي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته پوليس کي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اختيار ناهي، هڪ ڪميٽي جوڙي معاملي کي ڏٺو وڃي.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (ايف پي سي سي) ڪلفٽن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ايف پي سي سي آءِ جي سينيئر نائب صدر ثاقب نثار منگو ۽ ٻين آفيسرن سندس آجيان ڪئي.
آءِ جي سنڌ واپاري برادري کي سوالن جوابن جي سيشن ۾ ٻڌايو ته رڳو تنقيد ڪرڻ درست ناهي، تنهن ڪري تنقيد سان گڏ مسئلو حل ڪيو وڃي، هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ قائم ڪيل ڪميٽي زمينن تي قبضن جي ڪيسن جي هفتيوار بنيادن تي ٻڌڻي کي يقيني بڻائي.
هن چيو ته تجويز ڪيل ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پوليس ۽ رينجرز کي شامل ڪيو وڃي، جن جو ڪم گڏيل طور تي فيصلن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ هجي، مون کي ۽ پوليس کي ڪو اختيار آهي، زمين جي منتقلي جي معاملي ۾ پوليس رڳو پنهنجا مفاد ڏسي ٿي، ٻي صورت ۾ پوليس جي ضابطن ۾ ان جي ڪا گنجائش ناهي، قانون موجب ڊي سي نگران آهي، ڪارڪردگي بنا ڪو مسئلو حل نه ٿيندو.
ايف پي سي سي آءِ جي سينيئر نائب صدر ثاقب نثار منگو چيو ته ڏوهن خلاف پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ايف پي سي سي آءِ جي ميمبر مرزا اشتياق بيگ چيو ته چونڊيل نمائندن ۽ قبضي سان لاڳاپيل ٻين ادارن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي.
اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کانسواءِ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي زون ڏکڻ، اسٽيبلشمينٽ سنڌ جا ڊي آءِ جيز ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.