جرمني جا سرمائي بگهڙ پنهنجو ملڪ ڇڏڻ لڳا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بهتر زندگي جي ڳولا ۾ پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ويڳاڻن جي ڏيهه ويندڙن ۾ جرمني جا بگهڙ به شامل ٿي ويا آهن.

هنن سرمائي رنگ جي بگهڙن جو واسطو يوريشيا سان آهي، هي اتر آمريڪا ۾ به ملن ٿا، هن نسل جا بگگهڙ ٻين بگهڙن جي ڀيٽ ۾ وڏا هوندا آهن.

هنن ۾ سماجي شعور وڌيڪ هوندو آهي ۽ هڪ ڪٽنب جيان گڏجي رهندا آهن، هنن جا خوني رشتا رکندڙ هنن سان گڏ رهندا آهن.

هنن جو هڪ جٿو 2 کان 12 بگهڙن تائين هوندو آهي ۽ هنن جي ڪٽنب ۾ 30 بگهڙ ٿي سگهن ٿا.

جرمن نسل جي بگهڙن جون ڄنگهون ڊگهيون ۽ ڄاڙي وڏي هوندي آهي، هنن ۾ سنگهڻ ۽ ٻڌڻ وارا هواس تيز هوندا آهن ۽ نظر به تکي هوندي آهي.

تازو بگگهڙن ٽن ملڪن جو سفر ڪيو ۽ ان دوران هنن گهٽ ۾ 1240 ڪلوميٽر وٿي طئي ڪئي جيڪو رڪارڊ بڻجي ويو آهي.

هن سفر جو هڪ مقصد شڪار جا بهتر موقعا ڳولڻ به آهي جڏهن ته هي اڪيلائي ختم ڪرڻ لاءِ به لڏي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.