سشميتا سين کي ڪهڙي خطرناڪ بيماري هئي؟

اڳوڻي “مس انڊيا” ۽ “مس يونيورس” بالي ووڊ اداڪارا سشميتا سين انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ماضيءَ ۾ آٽو اميون ڊيزيز يا پاڻمرادو ٿيندڙ مدافعتي بيماري جو به شڪاررهي چڪي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب تازو هڪ انٽرويو ۾ ذاتي زندگي تي ڳالهائيندي اداڪارا ٻڌايو ته نه رڳو هوءَ دل جي بيماري جو شڪار رهي آهي پر پاڻمرادو ٿيندڙ مدافعتي بيماري جو به شڪار رهي آهي.

انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته 2023 ۾ جڏهن کيس دل جو دورو پيو ته هوءَ آپريشن ٿيٽر جي هنڌ تي ڊاڪٽر سامهون مرڪي پئي ڇاڪاڻ ته ان کان 6 مهينا اڳ کيس ٻڌايو ويو ته کيس ڪوئي دل جو مرض ناهي.

اداڪارا اهو به انڪشاف ڪيو ته کيس وڏو عرصو آٽو اميون ڊزيز هئي جنهن سبب کيس ويسر ٿي وئي هئي ۽ هوءَ جلد ۾ گهڻيون شيون وساري ويهي رهندي هئي. هن چيو ته هر ٻئي منٽ بعد ملڻ واري کان هر هر نالو پڇندي هئي جنهن تي هن سان ملڻ وارا ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا ته هاڻي ئي ته کيس نالو ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.