هوٽل ۾ پنج سال مفت رهندڙ همراهه هوٽل مالڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر نيو يارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ تاريخي هوٽل نيويارڪر ۾ هڪ شخص قانوني فائدو وٺي پنجن سالن کان مفت ۾ رهي رهيو آهي.

هاڻي هن همراهه هڪ هزار کان وڌيڪ ڪمرن واري هوٽل جي عمارت جو مالڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.

48 سالن جي مڪي باريٽو کي ڪوڙي پراپرٽي رڪارڊ ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو.

صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي اپارٽمينٽ ۾ پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ ڇو پهچي وئي؟ هي ڪيس فوجداري بدران چرائپ جو هجڻ گهرجي ها.

هن همراهه جي دوست هوٽل ۾ هڪ رات لاءِ ڪمرو ورتو هو،

سندس دوست هوٽل وارن کي چيو ته 1969 کان تعمير ٿيل عمارت ۾ رڳو هڪ ڪمري جي رهائش وارا مالڪن کان 6 مهينن جي ليز يا ڪرايو نامو ٺهرائڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا.

باريٽو دعويٰ ڪئي ته جيئن ته کيس ڪمرو هڪ رات لاءِ ڏنو ويو هو، سو هڪ عمارت ۾ ڪرائيدار بڻجي ويو.

هن هوٽل سان 6 مهينا ڪرايو نامو لکرائڻ جو مطالبو ڪيو، هوٽل وارن کيس ڪڍي ڇڏيو.

باريٽو پوءِ عدالت هليو ويو ۽ جج سندس درخواست رد ڪري ڇڏي.

تنهن کانپوءِ هن سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي جنهن تي کيس ڪاميابي ملي، جج هوٽل کي حڪم ڏنو ته هو باريٽو کي ڪمري جي چاٻي واپس ڪري.

تنهن کانپوءِ باريٽو جولاءِ 2023 تائين مفت ۾ رهندو هو، عدالت جي حڪم جي ڪري کيس ڪير به ڪڍي نٿي سگهيو.

پوءِ هن هڪ جعلي معاهدي ڪاپي ويب سائيٽ رکي چيو ته عمارت جي ملڪيت هولي اسپرٽ ايسوسيئيشن فار دي يوني فيڪيشن آف ورلڊ ڪرسچن نالي چرچ جي نالي تي منتقل ٿي وئي آهي، اها چرچ مان 1976 ۾ خريد ڪئي هئي.

اها دعويٰ سندس ڳچي ۾ پوڻ شروع ٿي ۽ پوءِ قانوني ڪاررواين بعد کيس گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.