ميڊونا پرفارمنس جي وچ ۾ ڪرسي تان ڪري پئي: وڊيو وائرل

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) پوپ ميوزڪ جي راڻي جي نالي سان شهرت ماڻڻ واري ميڊونا آمريڪي شهر سيٽل جي ڪلائمنٽ پلاج ايرينا ۾ پنهنجي تازي پرفارمنس جي موقعي تي ڪرسي تان ڪري پئي. اوچتو ٿيڻ واري هن واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي ڏاڍي وائرل ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب وڊيو ڪلپ ۾ ميڊونا کي هڪ گاني “اوپن يورهارٽ” دوران ڪرسي تان ڪرندي ڏسي سگهجي ٿو پر جهڙي طرح هن پاڻ کي فوري طور تي سنڀالي پنهنجي پرفارمنس جاري رکي ان تي مداح حيران ٿي ويا.

پوپ گانن جي 65 ورهين جي راڻي ڪرسي تي ويٺي هئي جڏهن هڪ ڊانسر کيس اسٽيج تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ هن ڊانسر سميت ميڊونا پويان ڪري پيون.

ان حادثي کانپوءِ بگه ميڊونا پاڻ کي قابو ۾ رکيو ۽ ڪرڻ کانپوءِ به اٿي بيٺي ۽ زور سان کلڻ شروع ڪيائين. تماشائين ميڊونا جي ان انداز کي ڏاڍو ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.