پاڪستان ۾ سائبر حملا وڌي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوبل سائبر سيڪيورٽي ڪمپني ڪيسپرسڪي انڪشاف ڪيو آهي ته سال 2023ع ۾ پاڪستان جي اندر سائبر حملن ۾ 17 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي جڏهن ته ڪمپني سڄي سال ۾ پاڪستان تي ٿيندڙ 1 ڪروڙ 60 لک سائبر حملن کي ناڪام بڻايو.
ڪيسپرسڪي پاران اسلام آباد ۾ رٿيل نائين سائبر سيڪيورٽي ڪانفرنس دوران ملڪ ۾ وڌندڙ سائبر حملن ۽ سيڪيورٽي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪيسپرسڪي جي ٽيلي ميٽر 2022ع جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ ملڪ ۾ گڏي طور تي سائبر خطرن جي انگ ۾ 17 سيڪڙو واڌ ڏيکاري.
ڪمپني خبردار ڪيو ته پاڪستان ۾ 24.4 واهپيدار آن لائين خطرن مان متاثر آهن جڏهن ته ملڪ ۾ بئنڪنگ ميلويئر جي استعمال سان ٿيندڙ حملن ۾ 59 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.