سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سوشل ميڊيا ايپس تان فحش مواد هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تان فحش مواد فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي سوشل ميڊيا تي فحش مواد خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته فيملي وي لاگنگ جي نالي تي فحاشي کي هٿي ڏني پئي وڃي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فيس بُڪ، يو ٽيوب يا ڪنهن ويب سائيٽ تي مواد هٽائڻ جو اختيار پي ٽي اي کي ناهي، اعتراض جوڳو مواد هٽائڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي لکڻو پوندو آهي.
ان دوران پي ٽي اي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، جنهن تي عدالت چيو ته فيس بُڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين ايپس تان فحش مواد هٽايو وڃي، ڪجهه به ٿئي حڪمن تي مڪمل طور عملدرآمد ٿئي ۽ سمورين ويب سائيٽس تان اعتراض جوڳو مواد هٽايو وڃي.
عدالت سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي مواد خلاف فوري طور ايڪشن وٺڻ ۽ سڄو چارٽ ٺاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.