عالمي ڪپ ۾ غلطيون ڪيون، پي ايس ايل ۾ ڪجهه نئون ڪرڻ چاهيان ٿو: اساما مير

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ ليگ اسپنر اساما مير چيو آهي ته پي ايس ايل ۾ موقعو مليو آهي ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اساما مير جو چوڻ هو ته عالمي ڪپ کانپوءِ مون تي ڏاڍي تنقيد ٿي جنهن کي هاڪاري انداز ۾ ورتو، جيڪو غلط ڪيو ان کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته ڪراچي ڪنگز خلاف ملتان سلطانز جي بالنگ يونٽ سٺو پرفارم ڪيو، شعيب ملڪ اسپنرن خلاف سٺو کيڏندو آهي، سندس خلاف بالنگ ڪئي ۽ وڪيٽ به حاصل ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف به سٺي بالنگ جي سلسلي کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندس، ڪنهن رانديگر کي هدف ناهي بڻايو، سٺي لائين لينٿ تي بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.