خواجا نافع جي ” نو لُڪ شاٽ“ تي صائم ايوب جو ردعمل اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي بيٽر صائم ايوب چيو آهي ته ليگ ابتدائي مرحلي ۾ آهي، اڃا پهرين ميچ ٿي آهي، غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته ڪوشش آهي ته جيڪي غلطيون ڪيون اِهي نه ورجايون، مئنيجمينٽ پوري ٽيم کي سپورٽ ڪري رهي آهي ته جيئن سڀ سٺو پرفارم ڪن.
هن چيو ته مومينٽم حاصل ڪري ان کي برقرار رکڻ ٽارگيٽ آهي، خواجا نافع کي ننڍپڻ کان سڃاڻان ٿو هو باصلاحيت ڪرڪيٽر آهي، نو لُڪ شاٽ سميت سڀ نيون شاٽس کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
واضح رهي ته پي ايس ايل 2024ع جي پهرين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئٽرز پشاور زلمي کي شڪست ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.